نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾فوتين جي آخري رسمن لاءِ جڳهه نه ملي، جنهن ڪري مڙهه گنگا ندي ۾لوڙهيا ويا آهن، رپورٽ موجب ڀارت ۾ ڪورونا وائرس ۾وڏي انگ ۾ماڻهو مرڻ سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي، فوتين جو آخري رسمون ادا ڪرڻ لاءِ جڳهه نه ملڻ سبب وارث شديد پريشان آهن، هوڏانهن لاش گنگا ندي ۾لوڙهيا ويا آهن، اتر پرديش مان لوڙهيل لاش بهار جي سرحدي علائقي ۾ڪناري تائين پهتا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب لاش 5 کان 7 ڏينهن پراڻا آهن، ان جو تعداد 100 تائين ٿي سگهي ٿو.
