116

مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي ضمانت خلاف نيب پاران سپريم ڪورٽ ۾ اپيل جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) جو شهباز شريف جي ضمانت خلاف عدالت ونڃڻ جو فيصلو، رپورٽ مطابق نيب لاهور مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي ضمانت خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، نيب جو چوڻ هو ته هن معاملي خلاف نيب جي پراسيڪيوشن ٽيم اپيل جمع ڪرڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، نيب پاران وڌيڪ چيو ويو آهي ته سمورا قدم آئين ۽ قانون مطابق بغير ڪنهن به ڌٻاء جي آهن، ياد رهي ته لاهور هاٰٰٰٰٰٰٰٰءِ ڪورٽ شهباز شريف کي آمدن کان وڌيڪ آثاثن جي ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد ڪيو هو، پوءِ عدالت هن کي 8 هفتن لاءِ ٻاهر ملڪ ونڃڻ جي اجازت ڏني، پر لاهور ائيرپورٽ روانگي جي موقعي تي اميگريشن عملدارن کيس ٻاهر ملڪ ونڃڻ جي اجازت نه ڏني، ٻي طرف حڪومت به شهباز شريف کي ٻاهر ملڪ ونڃڻ جي اجازت ڏيڻ جي فيصلي خلاف عدالت ونڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو