لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم هڪ ٻيو اعزاز ماڻي ورتو آهي، هو افتتاحي 4 ٽيسٽ کٽيندڙ پهريون پاڪستاني ڪپتان بڻجي ويو آهي، بابر جي ڪپتاني ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا ۽ زمبابوي کي 2-2 ٽيسٽ ميچن ۾ شڪست ڏني، جنهن کانپوءِ بابر پهريون پاڪستاني ڪپتان آهي جنهن پنهنجي ڪپتاني جي شروعاتي 4 ٽيسٽ ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي.
