170

پرامن افغانستان جو مطلب پرامن خطو ۽ خاص ڪري پر امن پاڪستان آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي افغانستان ۾ پهچي ويو، جتي هن افغان صدر اشرف غني سان ملاقات ڪئي آهي. انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز موجب آرمي چيف ڪابل ۾ افغان صدر سان ملاقات ڪئي، ان دوران برطانيا جو چيف آف ڊيفنس اسٽاف جنرل نڪولس پيٽرڪ ۽ آءِ ايس آءِ جو سربراهه  جنرل فيض حميد ۽ ٻيا اعليٰ  عهديدار پڻ موجود هئا.جنرل قمر جاويد باجوا  افغان سرچاءُ واري ڪونسل جي چيئرمين عبدالله عبدالله سان پڻ ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي، افغان امن عمل ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف جو چوڻ هو ته پرامن افغانستان جو مطلب پرامن خطرو، خاص ڪري پرامن پاڪستان آهي، پاڪستان هميشه افغانين جي قيادت ۾ افغان مفاهمتي عمل جي حمايت ڪندو رهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو