اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي ) عيدالفطر جي لاءِ گائيڊلائنز جي منظوري ڏئي ڇڏي، اين سي او سي جي سربراه اسد عمر جي زير صدارت اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم جي معاون خاص صحت ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، اين سي او سي عيدالفطر جي لاءِ گائيڊلائنز جي منظوري ڏني جنهن مطابق عيد نماز ڪورونا ايس او پيز سان گڏ کليل جڳاهن تي پڙهي ويندي، اگر مسجد جي اندر نماز پڙهڻ ضروري آهي ته دروازا ۽ دريون کهلي ڇڏيو، گائيڊلائنز ۾ چيو ويو آهي ته مسجد يه ڪنهن به کولي جڳهه تي رش گهٽ ڪرڻ لاءِ نماز 2 کان 3 دفعا پڙهائي ونڃي عيد جو خطبو محدود رکيو ونڃي، بزرگ ۽ 15 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار نماز تي اچڻ کان پاسو ڪن، عيد نماز تي اچڻ وارن کي ماسڪ لازمي پائڻ جي هدايت، اين سي او سي جي گائيڊلائنز ۾ وڌيڪ چيو ويو ته مسجد ۽ عيد گاهون ۾ داخل ٿيڻ لاءِ متعدد رستا رکيا وڃن، مسجد جي رستن تي هينڊ سينيٽائزر رکيا وڃن ۽ نمازين وچ ۾ 6 فٽ جو فاصلو هجي، نماز پڙهڻ وارا وضو پنهنجي گهران ڪري اچن ۽ گلي لڳڻ يه هٿ ملائڻ کان فاصلو رکن، عيد نماز کانپوءِ هجوم نه ٺاهين.
111