اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پولي ڪلينڪ اسپتال عيدالفطر جي موڪلن دوران صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان جي طبي ۽ خوراڪ جي معائني لاءِ 5 ڊاڪٽر مقرر ڪري ڇڏيا آهن، رپورٽ مطابق اسلام آباد جي پولي ڪلينڪ اسپتال جي انتظاميه 5 آفيسرن کي عيدالفطر جي موڪلن دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان جي طبي معائني ۽ خوراڪ جي معائني جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي طبي معائني جي لاءِ ڊاڪٽر نرمل ۽ ڊاڪٽر نور محمد مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته صدر جي خوراڪ واري چيڪنگ جي لاءِ ڊاڪٽر نذير احمد رهوجو مقرر ڪيو ويو آهن، ٽئي ڊاڪٽر 34 ڪلاڪ آن ڪال ڊيوٽي تي هوندا، اهڙي طرح وزيراعظم عمران خان جي طبي معائني جي لاءِ ڊاڪٽر اعجاز احمد ۽ ڊاڪٽر اسد ابراهيم گيلاني کي مقرر ڪيو ويو آهي، هي ٻئي ڊاڪٽر به 24 ڪلاڪ آن ڪال ڊيوٽي تي هوندا ۽ موٽرگيڊ سان گڏ وزيراعظم جي خوراڪ جي چيڪنگ جي ذميواري به نڀائيندا.
