پريالوءِ (ويب ڊيسڪ) ڪراچي مان عيد ڪرڻ لاءِ ايندڙ پريالوءِ واسين جي ڪار سان پيروسڻ لڳ بادشاھ ريسٽورنٽ ڀرسان مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي مهراڻ ڪار جو ٽائربرسٽ ٿيڻ سبب ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري بجلي جي پول سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار پريالوءِ واسي حاجي عبدالعزيز ميمڻ جي گهرواري آسيه ميمڻ موقعي تي ئي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس ڌي حميره خاتون، فوتڻ جي نهن افيفا زال عبدالقيوم ميمڻ، غلام شيبر ٿهيم ۽ ڪار ڊرائيور بابر بڙدي سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪار مڪمل طور تي تباھ ٿئي وئي جنهن بعد واقعي واري هنڌ پهتل ماڻهن ۽ پير وسڻ پوليس پهچي زخمين ۽ فوتي جو لاش کڻائي ٺري ميرواهه اسپتال پهچايو، جڏهن ته واقعي جي اطلاع تي زخمين جا وارث پڻ ٺري مير واهه اسپتال پهتا جتي ضروري ڪاروائي بعد فوتي عورت جو لاش وارث کڻائي پريالوءِ پهتا، گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته زخمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ڪيو ويو آهي.
