ACCIDENT 138

گپچاڻي ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ زوردار ٽڪر، 2 ڄڻا سخت زخمي

گپچاڻي (ويب ڊيسڪ) گپچاڻي لڳ ٻن موٽرسائيڪلن ۾  زوردار ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي نواب شاهه اسپتال منتقل رپورٽ مطابق گپچاڻي ڀرسان سانگھڙ نوابشاهه مين روڊ تي علي جان بروهي اسٽاپ وٽ ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا غلام محمد زرداري ۽ نواب شاھ واسي اشرف راجپوت سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته گپچاڻي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي زخمين کي نوابشاھ جي پي ايم يو اسپتال منتقل ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو