لاهور (ويب ڊيسڪ) ننڍي عمر جي پاڪستان ڪوهه پيما شهروز ڪاشف مائونٽ ايوريسٽ سر ڪري ورتو آهي، رپورٽ موجب شهروز دنيا جي بُلند ترين چوٽيءَ تي پاڪستاني جهنڊو لهرائيندڙ ننڍي عمر جو ڪوهه پيما بڻجي ويو آهي، ان حوالي سان شهروز جي والد ڪاشف سلمان جو چوڻ هو ته پٽ جي مائونٽ ايوريسٽ سر ڪرڻ تي هڪ ڪروڙ 8 لک خرچ آيو آهي.
