اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا جي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) سان لڳاپيل ذيلي ڪميٽي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ لڳائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، وفاقي ڪابينا جي اي سي ايل سان لڳاپيل ذيلي ڪميٽي جو اجلاس هو جنهن ۾ ڪميٽي شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ لڳائڻ جي سفارش ڪئي، رپورٽ مطابق ڪابينا جي اي سي ايل سان لڳاپيل ذيلي ڪميٽي جي اجلاس ۾ نيب سفارشات جو جائزو ورتو ويو، جنهن کانپوءِ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ لڳائڻ جو معاملو ڪابينا کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو، رپورٽ مطابق ٻڌايو ويو ته شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ لڳائڻ جي حتمي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ وزير قانون فروغ نسيم، وزيرداخلا شيخ رشيد، مشير احتساب شهزاد اڪبر ۽ قومي احتساب بيورو (نيب) جي ملازمن شرڪت ڪئي، رپورٽ مطابق وزير قانون فروغ نسيم اجلاس ۾ آن لائن شرڪت ڪئي.
212