184

اسرائيل فلسطين کي قبرستان ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ آهي: مسلم ليگ (ن) صدر شهباز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي  اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف جو چوڻ هو ته اسرائيل  فلسطين کي قبرستان ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ آهي، شهباز شريف غزه تي اسرائيلي حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ فلسطينين جي شهادت تي غم جو اظهار ڪندي چيو ته  عالمي برادري،  او آئي سي ۽ عرب ليگ اسرائيل کي ظلم ڪرڻ کان روڪڻ تي جلد کان جلد ڪردار ادا ڪن، هن مطالبو ڪيو ته اسلامي ملڪن جي سربراهي ۾ اجلاس رکيو ونڃي ۽ فلسطينين جي قتل عام کي روڪيو ونڃي، صدر مسلم ليگ ن جو چوڻ هو ته اسرائيل پوري فلسطين  کي قبرستان ٺاهڻ جي ڪوشش  ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن اسرائيلي ظلم کي روڪيو نه ويو ته اهو سمورو علائقو ۽ دنيا تباهي ۽ بربادي جي دوزخ ۾ اچي ويندي، هن چيو ته  بي گناهه خواتين ۽ شهيد ٻار پوري انسانيت کان انصاف جي گهر  ڪري  رهيا آهن، يورپي يونين  سان گڏ تمام مذهب دنيا جي بيانات ڪافي  ناهي، بي گناهه ٻارن کي  بچائڻ  جي لاءِ عملي قدم کڻ ڻو پوندو، اپوزيشن ليڊر جو چوڻ هو  ته اسرائيل جي انسانيت سوز ڪارروائي مسلمانن جي عيدالفطر کي غم ۾ بدلائي ڇڏيو، فلسطيني  شهداء جي گهر وارن سان تعازيت ۽ همدردي ڪريون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو