204

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي, جنهن کانپوءِ اعلان ڪيو ويو آهي ته عيدالفطر اڄ ملهائي ويندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر اڄ ملهائي ويندي، مرڪزي رويت حلال ڪميٽي جي وڏي اجلاس  کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جو چوڻ هو ته پاڪستان  جي مختلف علائقن مان نشانيون مليون آهن،  هن چيو ته چمن، قلعا سيف الله، پسني، پشاور ۽ سنڌ مان مليل نشانين کي شرعي پئماني تي پرکڻ کانپوءِ ڪميٽي اڄ بروز خميس 13 مئي 2021ع تي پهرين شوال المڪرم عيد الفطر جو اعلان ڪيو آهي،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو