حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪڪڙ جي گوشت جي اگهن ۾ اضافو ٿي ويو عيد جي خوشين ۽ لاڪ ڊائون ۾ ڪڪڙ جو گوشت کائڻ کان مھانگو ٿي ويو، 500 کان 550 روپيا ڪلو تي پھچي ويو، مارڪيٽ ڪميٽي وارا غائب ٿي ويا۽ اگھه چيڪ ڪرڻ وارا غائب آھن، لاڪ ڊائون سبب ڪيترن ئي ڪڪڙن وارن پنھنجا فارم بند ڪري ڇڏيا، جنھن سبب ڪڪڙمارڪيٽ ۾ گھٽ اچڻ ڪري مھانگائي جي ور چڙھي ويا، عيد جي خوشين جي موقعي تي ڪڪڙ جو گوشت وٺڻ لاءِ آيل گراھڪن جو چوڻ آھي ته ھڪ طرف لاڪ ڊائون آھي، ٻئي طرف مھانگائي جو طوفان آھي، ڪڪڙ جو گوشت تمام گھڻو مھانگو آھي، اڳ ۾ وڌيڪ گوشت وٺندا ھئاسين ھاڻ گھٽ ورتو آھي، پٽاٽا وجھي ٻوڙ ٺاھينداسين واپارين ڪڪڙ جي گوشت جي اگهھ ۾ اوچتو واڌ بابت چيو ته ڪڪڙ فارمن تان لاڪ ڊائون سبب گھٽ اچي رھيا آھن، ڪيترن ئي فارم بند ڪيا آھن، جنھن سبب اھا صورتحال ٿي آھي، انتظاميا ۽ مارڪيٽ ڪميٽي واراغائب آھن، واڌو اگهن تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آھي، اھڙي طرح دالين گيهھ کنڊ ڀاڄيون ڀينڊيون ميھا توريون ۽ ميون جا اگهھ به آسمان سان ڳالھائي رھيا آھن،
