غزه (ويب ڊيسڪ) غزه تي اسرائيلي وحشيانو تشدد بمباري جو سلسلو روڪجي نه سگهيو، ۽ شهيد فلسطينين جي تعداد 43 تي پهچي وئي، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي، اسرائيلي فورسز پاران فلسطين ۾ رهائيشي عمارتن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن سبب ڪيتريون ئي عمارتون مٽي جي ڊهير ۾ تبديل، اسرائيلي فوج جي حملن ۾ هن وقت تائين 14 ٻار شهيد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ميڊيا تي اسرائيلي بمباري ۾ شهيد ٿيندڙ 11 سالن جي معصوم حمزه جي تصوير شيئر ڪئي وئي آهي، تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شهيد 11 سالن جو حمزه ڪفن ۾ ويڙهيل مسڪرائي رهيو آهي، شهيد جي منهن ۾ مسڪراهٽ سان گڏ اطمينان به آهي، حمزه جي ڪفن ۾ ويڙهيل تصوير سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ به اسرائيلي ظلم تي اگاهه آهن.
206