127

حڪومت پاران 17 مئي کان ملڪ ۾ سموريون مارڪيٽون کولڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) سموريون مارڪيٽون ۽ دڪان 17 مئي کان کولڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اين سي او سي جو اجلاس وفاقي وزير ۽ اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي تازه ترين صورتحال جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ دڪان ۽ مارڪيٽون 17 مئي کان رات 8 وڳي تائين کولڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ ايس او پيز کي لاڳو ڪرڻ جو جائزو ورتو ويو، جنهن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، اجلاس ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي ڪاوشن خاص ڪري  سموري ملڪ ۾ عوام طرفان ڪيل تعاون جي تعريف ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سموري بين الصوبائي، انٽرسٽي ۽ انٽرا سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ کي پهرين ڏينهن ڏنل تاريخ 17 مئي جي بجاءِ 16 مئي 2021ع کان  ٻيهر شروع ڪيو ويندو، ريلوي 70 سيڪڙو سان گڏ پنهنجي آپريشن کي برقرار رکندو، جڏهن  ته آفيسن ۾ 50 سيڪڙو عملي سان گڏ ڪم ٻيهر شروع ڪيا ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو