195

پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جون بااثرن خلاف دانهون، موت جو خطرو انصاف جي گهر

خيرپور (ويب ڊييسڪ) خيرپور جي يونين ڪائونسل شاهه ڀنڱيو جي ڳوٺ منگي جي رهواسي نوجوان پنجاب جي ناري سان موبائيل فون تي دوستي کان پوءِ پسند جو پرڻو ڪرڻ ۽ ڪورٽ ۾ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کان پوءِ به زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي بيٺل هجڻ ڪري علائقي جي با اثرن چوڌري الطاف گجر ۽ رئيس محمد علي چانڊيو خلاف پريمي اعظم علي ولد رابيل منگي پنهنجي نئين ڪنوار عديله راجپوت سان گڏ سمورا قانوني ڪاغذات پيش ڪندي، دانهيندي ٻڌايو ته تر جي بااثرن مٿي ڄاڻايلن رڻ ٻاري ڏنو آهي، جيئڻ جنجال ڪندي موتمار ڌمڪيون ۽ هر هربا هلائيندي زندگي سخت خطري ۾ وجهي ڇڏي آهي، ڳرا ڏوڪڙ طلبي حراسان ڪري رهيا آهن، هنن وس وارن کان انصاف تحفظ ۽ جڳاڙي چوڌري رئيس ڳٺ جوڙ کي ٻنجو ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو