148

حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 80 نوان ڪيس ظاهر

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ)حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 80نوان ڪيس سامھون، صحت کاتي جي اختيارين جو چوڻ آھي ته حيدرآباد ضلعي جا شھري توڙي ڳوٺاڻا پنھنجن پنھنجن گھرن ۾ رھن ۽ ٻاھر بنا سبب جي نڪرڻ کان پاسو ڪن ڪورونا وائرس جي ٽئين لھر ھلي رھي آھي، ماسڪ جو استعمال ڪن پنھنجن ھٿن کي صابڻ سان بار بار ڌوئي صاف رکن، ڊي سي حيدرآباد فواد غفار سومرو چيو آھي ته حيدرآباد ۾ لاڪ ڊائون مڪمل طور ٿيل آھي، انٽر سٽي بس سروس ۽ وين سروس مڪمل طور بند آھي، ماسڪ پائڻ سان گڏ ايس او پيس تي مڪمل عمل ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو