148

عربي سمونڊ ۾ پيدا ٿيندڙ سامونڊي طوفان جو امڪاني خطرو وڌي ويو

ٺٽو(ويب ڊيسڪ) عربي سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ سامونڊي طوفان جو امڪاني خطرو وڌي ويو، ٺٽي ضلعي ۾ الرٽ جاري، عربي سمنڊ ۾ پيدا ٿيل سامونڊي طوفان کي توڪتائي جو نالو ڏنو ويو، ضلعي جي سمورن سرڪاري ادارن جي عملدارن جون موڪلون رد ڪيون ويون آھن، ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ سميت ضلعي جي ساحلي پٽي مان گهري سمنڊ ۾ ويل مُهاڻا واپس موٽي آيا، هوڙا ڪنارن تي بيهاري ڇڏيا، جڏھن ته ڊي سي ٺٽو عثمان تنوير پاران ليٽر جاري ڪري صحت کاتي، مڪاني ادارن سميت سمورن کاتن جي انتظاميا کي حفاظتي قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آھن،  ھوڏانھن سامونڊي تڪ تان چونڊيل ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري به ٺٽي پهچي صورتحال جو جاائزو ورتو ۽ لاڳاپيل انتظاميا سان رابطو امڪاني خطرن کان بچڻ لاءِ فوري طور قدم کڻڻ جون ھدايتون ڪيون آھن، ان سلسلي ۾ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري جو چوڻ ھو ته ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ ۽ گھوڙاٻاري تعلقن جي سامونڊي ڪنارن تي انتظاميا کي حفاظتي قدم کڻڻ ۽ مشينري پھچائڻ جي ھدايت ڪئي آھي، عوام سان ھر وقت رابطي ۾ آھيان، جڏھن ته ڊي سي ٺٽو عثمان تنوير جو چوڻ ھو ته سامونڊي طوفان جو فلحال ٺٽي جي سامونڊي پٽي سميت سنڌ جي ساحل کي ڪو خطرو نه آهي، پر امڪاني صورتحال جي پيشِ نظر سمورا حفاظتي انتظام ڪيا پيا وڃن، سموري مشينري کي الرٽ رکيو ويو آھي، جڏھن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه امڪاني سامونڊي طوفان ۽ امڪاني برساتن کي منھن ڏيڻ لاءِ صوبائي وزيرن شبير بجاراڻي کي ٺٽو، اسماعيل راھو کي بدين ۽ عبدالباري پتافي کي سجاول لاءِ ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪندي کين فوري طور ڄاڻايل ضلعن ۾ پھچڻ جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون آھن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو