لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ سال ويسٽ انڊيز جو دورو ڪندي، جنهن جو شيڊول پڻ پڌرو ڪيو ويو Sآهي، رپورٽ موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) قومي ٽيم جي ويسٽ انڊيز ٽوئر جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مطابق قومي ٽيم 21 جولاءِ کان 24 آگسٽ تائين ٽي-20 ۽ ٽيسٽ سيريز کيڏندي، جڏهن ته قومي ٽيم 27، 28، 31 جولاءِ، پهرين ۽ 3 آگسٽ تي ويسٽ انڊيز خلاف ٽي-20 سيريز جي ميچن ۾ ڏاڏن خلاف مهاڏو اٽڪائيندي، بورڊ مطابق ٻنهي ٽيمن ۾ پهريون ٽيسٽ 12 آگسٽ ۽ ٻيون ٽيسٽ 20 آگسٽ کان شروع ٿيندو.
141