134

رتيديري ڀرسان رولو ڪتن 4 ٻارڙن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو

رتوديرو (ويب ڊيسڪ) رتوديرو لڳ ڳوٺ خيرو ديرو جي رهواسي چئن ٻارڙن کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، رولو ڪتن باقر علي پٽ نورمحمد هليو، عبدالقادر پٽ ديدار ڳچل، باسط علي پٽ عبدالوهاب شيخ ۽ محمد صديق پٽ علي گوهر مهر کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، جن کي وئڪسين لاءِ لاڙڪاڻي اماڻيو ويو آهي، رابطو ڪرڻ تي ٻارڙن جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ ۾ سوين رولو ڪتا گهمندا رهن ٿا، جن کي مارڻ لاءِ ڪي به انتظام ناهن ڪيا ويا، اسان اهڙيون شڪايتون ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل اختيارين کي به ڪيون آهن پر شڪايتون ڪرڻ باوجود به انتظاميا پاران هن مسئلي طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو آهي، اسان جون دانهون ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، نوٽيس وٺي ڪتا مار مهم شروع ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو