139

بالي ووڊ اداڪار پاريش راول پاران پنهنجي موت جي خبرن جي ترديد

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار پاريش راول پنهنجي موت جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. هن گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي ۽ مداحن کي ٻڌايو ته هُو زنده آهي. هن چيو ته غلط خبرون شيئر ڪندڙن کي ٻڌائڻ ٿو چياهيان ته آئون گهر ۾ آرام ڪري رهيو آهيان. ياد رهي ته سوشل ميڊيا تي خبرون وائرل ٿيون هيون ته پاريش راول دل بيهڻ ڪري جمعي جي ڏينهن صبح 7 وڳي ديهانت ڪري ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو