135

رنگ روڊ اسڪينڊل جي جاچ رپورٽ اچڻ تي ڪارروائي جي نه گرفتاري جي ضرورت آهي: مريم اونگزيب

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) رنگ روڊ جي منصوبي ۾ ڪرپشن ۽ بي قاعدگين بابت پنجاب حڪومت جي جاچ رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، مسلم (ن) ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته رنگ روڊ اسڪينڊل جي جاچ رپورٽ سامهون اچڻ کان پوءِ هاڻ ڪارروائين جي نه پر گرفتارين جي ضرورت آهي، هن چيو ته رنگ روڊ اسڪينڊل بي ضابطگيون ناهن، 25 ارب کان وڌيڪ جو ڌاڙو آهي، رپورٽ سامهون اچڻ کا پوءِ عمران خان ۽ عثمان بزدار کي اين آر او نه ملندو، هن چيو ته جاچ رپورٽ سامهون اچڻ کان پوءِ عمران خان ۽ عثمان بزدار سميت سمورن ذميوارن کي گرفتار ڪيو ويندو، مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته عمران صاحب ۽ عثمان بزدار رنگ روڊ اسڪينڊل جا ڏوهاري آهن، عمران صاحب ۽ عثمان بزدار جي هوندي ڪابه انڪوائري نٿي ٿي سگهي پر صرف مافيا جي سهولتڪاري ٿي سگهي ٿي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو