110

رتديرو ويجهو پراڻي دشمني تان فائرنگ ڪري گوليون هڻي ڳوٺاڻو قتل

رتديرو (ويب ڊيسڪ)رتديري لڳ پراڻي دشمني تان ڳوٺاڻو قتل، مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي، واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو، رپورٽ مطابق رتوديرو لڳ وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد واري علائقي سجاول شاخ وٽ هٿيار بندن پراڻي دشمني تان فائرنگ ڪري 38 ورهين جي محمد هاشم پٽ بحري لولائي کي قتل ڪري ڇڏيو، انهيءَ سلسلي ۾ وڌيڪ ڄاڻ ملي آهي، ته مقتول سجاول جوڻيجو تعلقي جي ڳوٺ ڊرٻ جو رهواسي هو، جيڪو پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ سندس جي تاڙ ۾ ڪار ۾ ويٺل هٿياربندن هن مٿان فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هو قتل ٿي ويو هوڏانهن وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي ايس ايڇ او رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته لولائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ 25 ورهين کان تڪرار هلندڙ آهي، جنهن ۾ مقتول جي ڌر وارن پنهنجي ذات واري جو قتل ڪيو هو، جنهن جي پلاند ۾ هي واقعو پيش آيو آهي، وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي پوليس مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال رتوديرو کڻائي آئي، جتان ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو لاش سندس وارثن حوالي ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين حد واري ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو