131

اسرائيل هٿان فلسطينين جو قتلِ عام جاري، بمباري ۾ غزه کنڊرن ۾ تبديل، وڌيڪ 20 شهيد، 500 زخمي

غزه (ويب ڊيسڪ) اسرائيل هٿان فلسطينين جو قتلِ عام لاڳيتو جاري آهي، جنهن ڪري هن وقت تائين  شهيدن جو  انگ 140 ٿي ويو آهي، دهشتگرد رياست اسرائيل جي فوج عيد جي ڏينهن تي به معصوم فلسطيني ٻارن ۽ عورتن جو قتلِ عام ڪندي رهي. اسرائيلي جنگي جهاز سڄي رات غزه ۾ مختلف هنڌن تي ميزائل وسائيندا رهيا، پناهه گيرن جي ڪيمپ کي به نشانو  ڪيو،  جنهن جي نتيجي ۾هڪ ئي ڪٽنب جا 10 ڀاتي به شهيد ٿي ويا. اسرائيل 5 ڏينهن ۾ غزه جي 800 هنڌن تي حملا ڪري چڪو آهي جن ۾ هن وقت تائين 140 فلسطيني شهيد ۽ 620 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي به ٿي چڪا آهن،  حملن ۾ شهيد ٿيلن ۾ 37 ٻار ۽ 22 عورتون به شامل آهن.  10 هزار کان وڌيڪ فلسطيني جان بچائڻ لاءِ پنهنجا گهر ڇڏي لڏپلاڻ ڪري ويا آهن.  اسرائيلي فوج حملا ڪري وڌيڪ وڏيون عمارتون تباهه ڪري ڇڏيون آهن. غزه جي ٻي سڀ کان وڏي عمارت برج الجعلا کي به تباهه ڪري ڇڏي آهي، ان عمارت ۾  موجودڪيترائي ميڊيا هائوسز به تباهه ٿي ويا. اها عمارت ڊاهڻ بابت اسرائيل اڳ ئي ڌمڪي پڻ ڏني هئي ۽ ان کي ڊاهڻ کان رڳو 10 منٽ اڳ اها خالي ڪرڻ جي مهلت ڏني، ٻي پاسي حملن سبب غزا واري پٽي ۾ بجلي جو نظام پڻ گهڻو متاثر ٿيو آهي ، جڏهن ته اسرائيل پوري غزه جي بجلي بند ڪرڻ جي پڻ ڌمڪي ڏني آهي. هوڏانهن عيد جي ٻي ڏينهن  اسرائيلي فورسز غرب اردن ۾احتجاج ڪندڙ  هزارين فلسطينين تي فائرنگ ڪري 11 فلسطينين کي شهيد ۽ 500 کان وڌيڪ زخمي ڪري وڌا. ان کان علاوه اردن، جرمني، بنگلاديش سميت مخلتف ملڪن ۾ به احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي. ٻي پاسي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اڄ ٻيهر اجلاس گهرائي ورتو آهي، جڏهن ته  سعودي عرب پڻ اسلامي سهڪاري تنظيم  ۾ شامل ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس اڄ ئي طلب ڪري ورتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو