120

او آءِ سي اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي: پرڏيهه وزير شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهه وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته اسلامي تعاون جي تنظيم (او آءِ سي) فلسطين ۾ هلندڙ اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي، فلسطين جي تازه ترين صورتحال تي گهرايل او آءِ سي جي اجلاس ۾ ورچوئل خطاب ڪندي پرڏيهه واري وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته اسرائيلي فوج مظلوم فلسطيني عوام تي ظلم ڪري رهي آهي، اسرائيلي فوج جو فلسطينين تي ظلم انساني حقوق جي  خلاف ورزي آهي، پرڏيهه وزير جو چوڻ هو ته غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ بي گناهه فلسطيني شهيد ٿي رهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو