اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾سڀاڻي 17 مئي کان واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، اوگرا عيد موڪلن جي ڪري 15 ڏينهن واري قيمتن جي سمري تيار نه ٿي، قيمتن جو اعلان 16 مئي تي ٿيڻو هو، هاڻي 17 مئي تي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، اوگرا سومر ڏهاڙي قيمتن ۾مٽا سٽا جي سمري پيٽروليم ڊويزن کي موڪليندي. نيون قيمتون 18 مئي کان لاڳو ڪرڻ جو امڪان آهي.
113