115

لاڙڪاڻي ۾ انسانيت لڄائي وئي، ڀاءُ جي ڀيڻ سان مبينا لڄالٽ، گرفتار

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد لهر ڪالوني ۾ انسانيت ۽ رشتن کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي. ڀاءُ جي پنهنجي ڀيڻ سان مبينا لڄالٽ، 25 سالن جي محمد امين پٽ عبدالسميع ڪوريجو پنهنجي 14 ورهين جي ڀيڻ ريما سان پنهنجي گهر اندر مبينا لڄالٽ ڪئي آهي، ناري جي امڙ جي فرياد تي حيدري ٿاڻي تي ڪرائيم نمبر 41/2021 سيڪشن 376 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ پوليس ناري جي ڀاءُ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف سماجي اڳواڻ عائشا ڌاريجو ۽ ٻين چيو آهي ته اهڙن واقعن ۾ اڪثر جوابدار بچي ويندا آهن، ان ڪري رياست جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدار کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو