اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي پنجاب اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ ميمبر طور حلف کڻڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، چوڌري نثار جي حلف کڻڻ جي صورت ۾ هو وڏي وزير جو مضبوط اميدوار هوندو. چوڌري نثار 2018ع جي عام چونڊن ۾ راولپنڊي ۾ آزاد حيثيت سان ميمبر چونڊيو هو، پر اڃا تائين اسيمبلي جي ميمبر طور حلف نه کنيو هو. هوڏانهن چوڌري نثار اهڙين خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اسيمبلي ميمبر طور حلف کڻڻ جو ڪو به امڪان ناهي، منهنجي حلف کڻڻ جي حوالي سان هلندڙ خبرن ۾ڪا به صداقت ناهي.
136