115

مختلف ملڪن ۾ڪورونا سبب مٽاسٽا جي ناڻي ۾گهٽتائي، پاۡڪستان ۾واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته  ڪورونا وائرس جهڙي عالمي وبا جي ڪري مختلف ملڪن ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ گهٽتائي جڏهن ته پاڪستان جي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ورلڊ بئنڪ جي نئين انگن اکرن موجب ڪورونا وائرس جهڙي عالمي وبا دوران به پاڪستان جي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو، اهو سڀ ڪجهه وزيراعظم عمران خان جي ويزن ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو پنهنجي وزيراعظم عمران خان تي اعتماد جو واضح ثبوت آهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو