اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا ۾ ڪجهه گهٽتائي نظر آئي آهي، جنهن ڪري وفاقي حڪومت پابندين ۾ پڻ گهٽتائي ڪندي پبلڪ ٽرانسپورٽ اڄ کان ۽ بازارون سڀاڻي کان کولڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ تعليمي عمل23 مئي تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن اندر وڌيڪ 83 ماڻهو فوت ۽ هڪ هزار 531 ماڻهو متاثر ٿيا. جيڪو انگ ڪجهه ڏينهن ۾ گهٽ انگ آهي ۽ ڪورونا پکيڙ جي صورتحال ۾ بهتري نظر آئي آهي. ان سلسلي ۾ وفاقي وزير اسد عمر، ليفٽيننٽ جنرل محمودالزمان جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو خصوصي اجلاس ٿيو جنهن ۾ صحت واري صلاحڪار فيصل سلطان به شرڪت ڪئي. جڏهن ته صوبائي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. فورم عيد موڪلن دوران ايس او پيز کي لاڳو ڪرڻ جو جائزو ورتو ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو. فورم سمورن اسٽيڪ هولڊرز خاص ڪري سموري ملڪ ۾ عوام طرفان ڪيل سهڪار جي تعريف ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سموري بين الصوبائي، انٽرسٽي ۽ انٽرا سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ کي پهرين ڏينهن ڏنل تاريخ 17 مئي جي بدران هڪ ڏينهن اڳ اڄ 16 مئي 2021ع کان ٻيهر کوليو ويندو. ريلوي 70 سيڪڙو مسافرن سان پنهنجي آپريشن کي برقرار رکندو. جڏهن ته 17 مئي کان سموريون آفيسون، بازارون ۽ دڪان کوليا ويندا. رات جو 9 وڳي تائين ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت هوندي. جڏهن ته آفيسن ۾ 50 سيڪڙو عملي کي گهرائي سگهبو. هوڏانهن سنڌ جي تعليم کاتي صوبي جا سمورن تعليمي ادارن ۾ پڙهائي 23 مئي تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني تصديق ڪندي بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته سموري سنڌ ۾ ڪورونا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پڙهائي جو عمل 14 مئي کان 23 مئي تائين معطل ڪيو پيو وڃي. پر ان دوران تعليمي ادارا کليل رهندا،آن لائن ڪلاسز، واٽس ايپ، اي ميل سميت ٻين ذريعن کان تعليمي سلسلو جاري رکيو ويندو. جڏهن ته تعليمي اداري جا سربراهه پرنسپل يا هيڊ ماستر ڪجهه استاد ۽ غير تدريسي عملي کي گهرائي سگهندا. تعليمي سليبس جي حوالي سان جيڪا گائيڊ لائنز نومبر 2020 تي جاري ڪئي وئي آهي ان تي مڪمل عمل ڪيو ويندو. ٻي پاسي پنجاب ۾ لاڪ ڊائون 16 مئي کان وڌائي 24 مئي تائين ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڇي. پر لاڪ ڊائون وڌيڪ وڌايو ويندو يا نه فيصلو اين سي او سي جي اجلاس ۾ ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت ۽ صحت کاتي حڪومت کي تجويز ڏني آهي ته لاڪ ڊائون وڌيڪ هڪ هفتو وڌائڻ سان ڪافي معاملا بهتر ٿي سگهن ٿا.
117