شهدادڪوٽ (ويب ڊيسڪ) شھدادڪوٽ جي گئس آفيس ويجهو عيد جي ٻي ڏينهن تي ھڪ گهر مان 38 ورھين جي نوجوان جو گوليون لڳل لاش مليو آهي، جنهن کي وارث اسپتال کڻائي آيا پر اسپتال پھچڻ کان اڳ نوجوان فوت ٿي چڪو ھو، ٻئي پاسي اطلاع تي اي سيڪشن پوليس اسپتال پھچي واقعي بابت وارثن کان تفصيل معلوم ڪيا، جتي فوتي نوجوان جي چاچي جاويد مگسي پوليس کي ٻڌايو ته واقعي بابت ڪابه خبر نه آهي ته ڪيئن پيش آيو آهي، ھن پوليس کي ٻڌايو ته مان جيئن ئي گھر ۾ داخل ٿيس ته نثار احمد رت ۾ ٻڏل هو، جنهن کي مان اسپتال کڻائي آيم، جتي ڊاڪٽرن ڏسي ٻڌايو ته نثار فوت ٿي چڪو آهي، ھي واقعو شهدادڪوٽ جي گئس آفيس ويجهو پيش آيو آهي، جتي گهر اندر 38 ورھين جي نوجوان نثار مگسي جو گوليون لڳل لاش مليو آهي، هوڏانهن پوليس واقعي جي جاچ ڪري رھي آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي، ان حوالي سان رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او اختر ابڙي ٻڌايو ته پوليس قانوني گھرجون پوريون ڪري ڇڏيون آهن وڌيڪ نوجوان جا وارث پھچن ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.
188