سيراڻي (ويب ڊيسڪ) ٻهڊمي شهر ويجهو سيراڻي پوليس جي حد ڳوٺ بخشو ديرو جي رهواسي الهبچايو ڪنڀر پنهنجي غير شادي شده نوجوان ڌي 18 سالن جي انعم مٿان پسٽل جا فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جي اطلاع تي سيراڻي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، پوليس جوابدار الهبچايو ڪنڀر کي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته مقتولا جو لاش انڊس اسپتال بدين مان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
125