سن (ويب ڊيسڪ) مانجھند ويجھو ال امين هوٽل سامهون انڊس هاءِ وي روڊ تي ڄامشورو کان سيوهڻ طرف ويندڙ ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ زودار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو موٽر سائيڪل سوار باقر علي سولنگي ٿڏي تي ترت طبي امداد نه ملڻ سبب فوت ويو جڏهن ته پيرسن عورت راڻي زال ڪالو خان سندس پٽ ڏهن ورهين جو سهيل ۽ ڪار سوار هڪ ڄڻو جنيد پٽ عبدالجاويد قريشي سخت زخمي ٿي پيا جن کي موٽروي پوليس مانجھند تعلقي اسپتال منتقل ڪيو اسپتال ۾ علاج جون بهتر سهولتون نه هجڻ سبب هڪ زخمي عورت ۽ ٻارڙي کي ڳڻتي جو حالت ۾ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو ته عورت پيرسن عورت به زخمن جا سور نه سهندي نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي وئي ، موٽر سائيڪل سوار سيوهڻ کان ڪراچي طرف وڃي رهيا ۽ جڏهن ته ڪار سوار ڄامشورو کان لاڙڪاڻو طرف وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو جنهن ۾ پيرسن عورت سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿيا آهن، مانجھند پوليس حادثي جو شڪار ڪار ۽ موٽر سائيڪل کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
119