115

وارهه لڳ عيد تي آيل 2 ٻارڙا تلاءَ ۾ ٻڏي فوت، هڪ بيهوش

وارهه (ويب ڊيسڪ) وارھه لڳ ڳوٺ عيد محمد ڇٽو ۾ عيد تي پنهنجي والدين سان گڏ آيل بلوچستان جي علائقي ڪرخ واسي 2  سڳا ڀائر 8 سالا مزمل ۽ 10 سالا عرفان ڇٽو پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿئي ويا، جڏھن ته هڪ معصوم نينگر مبين کي ٻڏڻ کان بچايو، جيڪو بيهوش ٿي ويو، فوتي ٻارن جا مڙهه وارھ تعلقي اسپتال آندا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا ۽ بيهوش ٿي ويل کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، سندن جي امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا، ان موقعي تي سندن وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته معصوم ٻارڙا پنهنجي امڙ سان گڏ عيد ڪرڻ ناناڻي گهر  آيل هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو