127

ڪورونا وبا تي لکيل ناول ”ڪووڊ 19“ جو تنقيدي جائزو

ليکڪ: محبوب سنڌي

اختر حفيظ هن ٽهي جو باشعور ليکڪ آهي، جيڪو هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ ”ٽيهھ منٽ“ ڪهاڻين  جو ڳٽڪو ڏئي چڪو آهي.جنهن ۾ ”ڪچي مسيت“ جهڙي اثرائتي ڪهاڻي هن جي تخيل جي نمائندگي ڪري ٿي، تازو هن جو تخليقي ناول”ڪووڊ 19 “ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ جيڪا منهنجي راءِ جڙي آهي، سان هن مضمون ۾ لکان ٿو. هڪ ڳالهھ پڌري پٽ پئي آهي ته جيئن ئي ڪووڊ 19 جي لهر سنڌ ۾ شروع ٿي ته هي ناول تڪڙ ۾ لکي پورو ڪيو ويو هو، تمام گهڻي جلد بازي ڪرڻ جي ڪري ئي ناول جو پهريون حصو چين ۾ ڏيکاري ڪمزوري جي ور چڙهي ويل نظر اچي ٿو، چين ۾ برپا ٿيل ڪورونا جا ڪلور چييءَ طرح ليکڪ چٽي نه سگهيو آهي، جيئن ته ليکڪ ناول جي شروعاتي جملي ۾ لکيو آهي ”جيئن ئي سائيڊ تي ٽيبل تي رکيل الارم جي گهنٽي وڳي ته ڊاڪٽر وو يانگ کان ڇرڪ نڪري ويو“ الارم  جي گهنٽي تي جاڳ ٿيندي آهي ڇرڪ ناهي نڪرندو، بهرحال جيئن ڊاڪٽر وو يوناگ کان ليکڪ ڇرڪ ڀرايو آهي، تئين هوٽل ۾ ڏيکاريل ڊاڪٽر وو يوناگ ۽ سيڪس ڊالز جو قصو يا ”ص 22 کان 24 تائين“ موچائو پنهنجي معذور پٽ کي ڏند ڪٿائي ڳالهھ ٻڌائي ٿو.. سي بلڪل ڪووڊ 19 جي جوڙيل صورتحال سان ٺهڪندڙ نه هجڻ جي ڪري ۽ ٻيو ڊاڪٽر وو يانگ مريض تپاسي ڪورونا جو خدشو ظاهر ڪري ٿو.جڏهن ته هي نئين وبا هئي. جنهن کي تحقيق کانپوءِ ڪورونا جو نالو ڏنو ويو، پوءِ ڊاڪٽر وو يانگ هن جي تڪڙي تصديق ڪيئن ڪئي، اهڙن حقيقتن تي پڙهندڙ به هلڪو ڇرڪ ضرور ڀري ٿو، چين ۾ ڪورونا جا وڌنڌڙ ڪيسن جيڪو هن نئين وبا جو خوف پيدا ڪيو،ان ڊپ جي  عڪاسي  ملي ٿي، پر ان خوف کان ويندي ڊاڪٽر وو يانگ جي ڄاڻايل وبا جو شڪار ٿيڻ کي احساساتي رنگ ۾ بيان نه ڪيو ويو آهي پوءِ به نرس ريا سندس مڱيندي مائيڪل جي ياد ۾ هڪ ڊگهي چمي تي پهرئين حصي جي پڄاڻي ڪرڻ، پيارن کان پري وبا ۾ ڦاٿل شخصن جي تڙپ کي ظاهر ڪري ٿي، پر ليکڪ کي چين واري پاسي هڪ ته نه وڃڻ کپندو هو، ڇو ته ا تان جو رائيٽر ئي اهڙي درد ڪٿا کي صحيح معنيٰ ۾ اوتڻ جي سگهھ رکي پيو، ليکڪ سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي پکڙجندڙ صورتحال تي پنهنجي ناول جو فوڪس ٻڌي ها ته سٺي طريقي سان نڀائي سگهيو ٿي، خير ناول ۾ سنڌ جي ڏيکاريل صورتحال کي ڏسون ٿا، هي ناول ٻن وچولي طبقي جي ٽن خاندان تي ٻڌل آهي، سجاد، ياسمين، اسد، راحيلا ۽ مولوي علم الدين جي سحر هيٺ ناول جا ڪردار چر پر ڪن ٿا، جن ۾ پڻ تحرڪ ۽ تسلسل نه ٿو ملي، جنهن ۾ سجاد ۽ سندس گهرواري ياسمين جي ڪردار سان ڄڻ ته ناول کي اينگهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي”ص54“سجاد ۽ چيني گرل فرينڊ اسٽيفني جو ڏيکاريل ميلاپ پڻ ڪهاڻي جي کڻت کي حقيقت نگاري کان هٽي پيش ڪرڻ جي ڪوشش آهي، اهو آهي وري به سجاد جو ڪردار جيڪو خوف جي جڙيل صورتحال جي نشاندهي ڪري ٿو، اسد جي زال راحيلا ڪورونا وبا جي حملي کان متاثر ٿي حياتي وڃائي ويهي ٿي، پر شايد ليکڪ کي اها ڄاڻ نه هئي.جيڪي ڪورونا جا مريض 15 ڏينهن جو عرصو، هن موذي مرض سان جهيڙي پيا وڃن ته اهي صحتياب به ٿي وڃن پيا، پوءِ الائي ڇو ليکڪ راحيلا کي ماريو آهي، مولوي علم الدين جو ڪردار ڪو ڪارائتو نه ٿو لڳي، ڪووڊ جي حوالي سان هن ناول جو اچڻ بهتر عمل آهي، جنهن پڻ ڪافي سارين حقيقتن کان واقف ڪيو ويو آهي، جنهن تي اختر حفيظ جي اهڙي ڪم تي ساراھه ڪيان ٿو، پر جيڪا کوٽ ناول محسوس ڪرائي ٿو سا مشاهدي جي کوٽ  آهي، هن وبا جي ڪري سنڌي عوام تي ڏکي صورتحال جڙي، ان کان ليکڪ ناول کي بي خبر رکيو آهي، جيڪا عام زندگي متاثر ٿي پورهيت ۽ مزدور طبقو لاڪ ڊائون جي ڪري ماني گڀي لاءِ هلاڪ ٿي ويو. ڊاڪٽرن، پوليس ٻنهي اهم ڪردار ادا ڪري پنهنجو فرض نڀائيندي ڪهڙين ڏکائين کي منهن ڏنو، هڪ پاسي گهر تائين ماڻهن کي محدود ڪري سماجي وٿي جو درس ڏنو پئي ويو، ٻئي پاسي هر شهر ۾ ڪفالت پروگرام هيٺ هزارن جي تعداد ۾ عورتن ۽ مردن جا هجوم اسڪولن ۾ ڪٺا ٿيا، يا آئسوليشن دوارن فوت ٿي ويل ڪورونا جي مريض جو لاش وارث حوالي نه ڪرڻ سان جيڪا پهريون دفعو سنڌي سماج ۾ درد جي ڪيفيت جڙي ان کي ناول ۾ قلم بند نه ڪيو ويو آهي ۽ اسپتال انتظاميا، پوليس جي مدد سان  هن وبا ۾ مرندڙ مريض جي ميت کي  باڪس ۾ بند ڪري قبرستان ۾ هڪ مخصوص انداز ۾ دفن ڪرڻ وارا منظر به نه چٽيا ويا آهن، اهي سڀ حقيقتون ليکڪ جي نظر کان اوجهل رهيون آهن.جنهن سان ناول مقصديت  ۽ حقيقت نگاري کان هٽيل ٿو نظر اچي ۽ محسوس ٿو ٿئي ته ليکڪ پنهنجي دماغ  ۾هڪ مڊل ڪلاس جي ڪهاڻي سوچي، پورهيت ۽ غريب طبقي جي پيڙائن ۽ ڀوڳنائن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو  آهي، جڏهن ته هن وبا جي ڪري ڪافي ناڪاري اثر پڻ پيا، جن جي عڪاسي پڻ هن ناول ۾ گهٽ نظر اچي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو