ليکڪ: حاڪم نصيراڻي
چنڊ بابت جتي عجيب قسم جون ڏندڪٿائون ۽ قصا مشهور آھن اتي سندن سونهن سندرتا به ڪنهن کان ڳجهي ناهي،ان ڪري دنيا جا اديب ليکڪ شاعر مطلب ته هر قسم جا نفيس احساس رکندڙ انسان رات جي خاموش تاريڪ ۽ ڀيانڪ روپ کي دل لڀائيندڙ چنڊ جي چاندي واري چانڊوڪي ڪري خوب ساراهيندا آھن، ڪي وري پنهنجي محبوب جي چهري کي چنڊ سان تشبيهھ به ڏيندا آھن، ڪي عاشق وري چنڊ کي دائمي داغن ۽ گهٽ وڌ اڀرڻ ڪري عيبدار به سمجهن ٿا، چنڊ آسمان جي سونهن ۽ اونداهي ۾ ڀٽڪيل راهه مسافرن جو رهنما پڻ آھي، پاڪستان ۾ وري اهو ساڳيو چنڊ ھر سال رمضان شريف ۽ شوال مهيني ۾ تڪراري ٿي ويندو آھي، جئين ئي رمضان شريف جي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جون بزرگ هستيون نوان چشما پائي ڪافرن جون ايجاد ڪيل جديد دوربينيون کڻي ويهن ٿيون ته ڪروڙين دلين جون ڌڙڪنون تيز ٿي وڃن ٿيون، پشاوري مولوي پوپلزئي صاحب ۽ هلال ڪاميٽي جو ميچ شروع ٿي وڃي ٿو، پر سوڀ هميشه پوپلزئي جي ٽيم کي نصيب ٿيندي آھي.
اهڙي ريت سندن پوئلڳ هڪ ڏينهن روزو به اڳ رکن ته عيد جون خوشيون به نوان ويس وڳا پائي عطر عنبير هڻي خوب ملهائن، باقي ملڪ جا مسلمان هڪ ڏينهن وڌيڪ انتظار ڪندا آھن ائين هڪ رياست ۾ ٻن عيدن جا خوبصورت لمحا وڏي شان ۽ شوڪت سان ملهايا ويندا آھن، ڪڏهن ڪنهن پوپلزئي کان اهو نه پڇيو ته قبلا آخر اها ڪهڙي ڪرامت آھي جو اوهان جديد اوزارن، سائنسي اصولن کي مات ڏئي اڻ اڀريل چنڊ ڏسي وٺو ٿا ۽ اسان ڪروڙين رپيا هلال ڪاميٽي تي خرچ ڪري به اوهان جهڙا نتيجا حاصل نه پيا ڪري سگهون ۽ نه وري پوپلزئي اسان واري سست ڪاهل هڪ ڏينهن پوئتي رهڻ واري سرڪار کي سڏي اهو منطق سمجهائي سگهيو آهي ته ميان اوهان پوئتي هن سبب ڪري آھيو پر پوپلزئي ائين ڇو ڪري؟ ڇو ته هلال ڪاميٽي وارا ڪروڙين رپيا مفت ۾ کائن ٿا انهن کي گهرجي ته وڃي اهو گر سکي اچن.
جديد سائنس مشڪل فيصلا آسان ڪري ڇڏيا پر پاڻ اڄ به ڪو واضح فيصلو نه ڪري سگهياسين، روزا اسان جي ايمان جو امتحان ۽ وڏي اجر جو وسيلو آھن پر دين جي مسئلن سان هٿ چراند ڪرڻ ڪو به صاحب ايمان مسلمان قبول نه ڪندو پر هلال ڪاميٽي ۽ پوپلزئي گروپ هر سال جيئان هن سال به شوال جي چنڊ کي مشڪوڪ ڪري ڇڏيو، جيئن عمراني سرڪار حڪومت جون واڳون سنڀاليون تيئن ڪيترن ئي سالن کان سٺي سڀاءَ ماٺيڻي طبيعت يا وري خاص آشيرواد وسيلي ويٺل مفتي منيب کي چيئرمن شپ کان هٽائي بادشاهي مسجد جي خطيب کي صرف ٻه ڏينهن لوڪ کي ياد رهندڙ هلال ڪاميٽي جو چيئرمين بڻايو ويو، عيد جي هاڻوڪي اعلان پوري پاڪستان جي شعور کي لوڏي ڇڏيو، هلال ڪاميٽي رات جو دير سان جيئن ئي عيد جو اعلان ڪيو تيئن ئي سوشل ميڊيا تي تنقيد جا نشتر شروع ٿي ويا، هر ڪنهن پنهنجي عقل ۽ مزاج تحت فيصلي تي خوب ڇوھه ڇنڊيا سائنس واري وزير صاحب ته رات جو سوير ئي اعلان ڪري ڇڏيو هو ته اڄ چنڊ نه نڪرندو باقي جيڪڏهن زبردستي ڪن مخصوص ملڪن سان عيد ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان جي مرضي، ان بيان کانپوءِ اها ڳالهھ گردش ڪرڻ لڳي ته ڪجهھ ڌرين کي پنهنجي روزي خطري ۾ محسوس ٿي ان ڪري عيد جو اعلان ڪري سائنسي ڪيلينڊر کي شڪست ڏني وئي ۽ زبردستي هڪ روزو ختم ڪري عيد ملهائي وئي.
ڪجهھ ماڻھن جو خيال هو ته هي جنگ مولوي صاحبان ۽ فواد چودهري صاحب جي وچ ۾ ھئي ان ڪري پيار ۽ جنگ ۾ سڀ جائز واري فارمولي تحت وڙھي وئي، ڪن ماڻھن جو خيال هو ته مولوين کي روزو گهٽ ڪري ڪهڙو فائدو؟ عام ماڻھن جي ذھنن ۾ ڪجهھ اهڙا سوال اڀرن ٿا جن جو جواب ملڻ ضروري آھي نه ته اها نفرت روز بروز وڌندي ويندي، آخر پوپلزئي رمضان ۽ شوال جي چنڊ ڏسڻ لاءِ ئي ڇو ويهندو آھي؟ ذوالحج ۽ محرم جي چنڊ ڏسڻ لاءِ ڪو اجلاس ڇو نه ٿيندو آھي؟ سرحدون انساني زمين جون آھن فطري نظارن جون سرحدون ناهن هونديون جيڪڏهن افغانستان يا ايران بارڊر جي ويجهو ويٺل ماڻھو چنڊ ڏسن ٿا ته انهن جي شاهدي ڇو قبول ناهي ڪئي ويندي؟
شريعت ۾ کليل اکين سان چنڊ ڏسڻ جي شرط آھي ته پوءِ نمبر وارو چشمو پائي يا دوربين سان چنڊ ڇو ڏٺو وڃي ٿو؟ زونل سطح کان وٺي مرڪزي سطح تائين ڪم ڪندڙ هلال ڪاميٽيون ڇا ڪري رهيون آھن؟ جيستائين سڀني ڌرين کي هن معاملي ۾ گڏ نه ڪبو تيستائين اهو جهيڙو هلندو پيو، ان ڪري تجرباتي طور تي سڀني عالمن اسڪالرن سائنسدانن سياستدانن کي گڏ ويهاري ڪو جامع حل ڪڍيو وڃي نه ته احساس محرومي به وڌندي ويندي ۽ دين جو اهم ستون به مشڪوڪ ٿي ويندو.