109

ڪورونا وبا ۽ ملڪي معاشيات

ليکڪ: ”راز“علي گل ڀٽو

ملڪ امن، صحت  ۽ سلامتيءَ سان ترقي ڪندا آھن، انساني روزگار جا وسيلا به امن ۽ صحت سان واڳيل ھوندا آھن، وبائن ۾ وڪوڙيل معاشرا ھميشه ترقيءَ  جي ميدان ۾ پوئتي رھجي ويندا آھن، جيئن آفريڪا ڏڪارن ۽ وبائن جو علائقو  رھندو آيو آھي، اسان جي پياري ملڪ ۾امن امان جي صورتحال ته مثالي ڪانھي ، ٻئي طرف دنيا ۾آيل ڪورونا وبا کان به وانجھيل ڪونھي، بار بار  لاڪ ڊائون ۽ سماجي پابندين جي ڪري ملڪ جي اڳ۾ئي دٻاءَ جو شڪار معيشت ويتر زوال پذير ٿي رھي آھي، پاڪستان به ھن عالمي وبائي جنگ ۾اھم سپاھيءَ  جو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي، دنيا جي صحت وارن ادارن پاران جاري ڪيل صحت ۽ سلامتيءَ  واري ھدايت نامي تحت ملڪ کي ھلايو پيو وڃي، ان وبا کي منھن ڏيڻ جو پھريون شرط احتياط آھي، جنھن جي عام ماڻھون پرواهه ئي ڪونه ٿو ڪري، جنھن ڪري ھوريان ھوريان ھيءَ وبا وچڙندڙ مرض ۾ تبديل ٿيندي پئي وڃي، ھيءُ بي شڪل  انسان دشمن جيو ھڪ ماڻھون کان ٻئي کي ايئن چنبڙيو وڃي جو پتو ئي نٿو پوي، اھو به وڏو ايذاءُ آھي، ڪورونا مريضن جي ڪري اسپتالن ۾ وڏي پيھه واري حالت ٿي وئي آھي، خاص ڪري خانگي اسپتالن جا ته جاوا آھن،گئس ۽ وينٽيليٽر جي نالي تي ڪروڙين رپيا ڪمايا وڃن ٿا،ڪٿي ڪٿي اھي شيون چور بازاريءَ  مان ملن ٿيون، دوائن کان به ڪمري ۽ گئس جو خرچ چؤڻو ٿو اچي، عام مريض ته اسپتالن جي دروازي تي پھچ جي سگھه به نٿو رکي، خانگي اسپتالن جي ڇڙواڳ رواج ته غريب لاءِ  بھتر علاج ناممڪن ڪري ڇڏيو آھي،دنيا ۾ھيل تائين ھن وبا سبب ڪروڙين ماڻھون متاثر ۽ لکين اجل جو شڪار ٿي چڪا آھن، دنيا جي ملڪن وچ ۾ سفر تي پابنديون لڳي چڪيون آھن،اندروني طور به ماڻھن جي چر پر تي سخت پابنديون لڳل آھن،ان چر پر جي بندش ملڪ جي معيشت کي وڏو ڌڪ ھنيون آھي، ماڻھن جي ذاتي، سماجي، مذھبي ۽ سياسي چرپر تي به پابنديون لڳايون ويون آھن، جن جي ڪري معاشيات جو ڦيٿو اڳتي وڌڻ بدران پوئتي ڦري رھيو آھي، ھونئن ته ماڻھون پنھنجن حقن جي حاصلات لاءِ حڪومتن خلاف ڦيٿو جام ڪندا آھن، پر ھن وبا کان بيوس ۽ مجبور ٿي حڪومتون  پاڻ ڦيٿو جام ڪري رھيون آھن، ھڪ عام اندازي مطابق ھڪ ڏينھن جي ڦيٿا جام جي ڪري اربين رپين جو مالي نقصان ٿئي ٿو، ھاڻي اندازو لڳايو ته ھفتن ۽ مھينن جي ڦيٿا جام ڪيترو معاشي ھاڃو رسائيندي ھوندي!!!؟؟ اھو ملڪ جنھن جي معاشيات اسرندڙ ھجي ان لاءِ ڪورونا وبا گردن ٽوڙ بخار کان به بدتر آھي، جڏھن بازارون بند، دوڪان بند، شادي ھال بند، ھوٽلون بند، ٽرانسپورٽ بند، سرڪاري آفيسن ۾ حاضري ٿوري، عمارت سازي جي صنعت بند، ڏھاڙي دار جي مزدوري بند، سواري نه ملي ته مريض جي اسپتال تائين پھچ بند، ذري گھٽ ھر ڏيتي ليتيءَ  جو ڦيٿو جام ته پوءِ ھزارين صنعتن سان واڳيل لکين مزدور بيروزگار ٿي وڃن ٿا، جنھن سان ڪروڙين ٻار، پوڙھا ۽ جوان لنگھڻ ڪاٽڻ جي ويجهو پھچي وڃن ٿا، ملڪي سطح تي ھلندڙ اسٽاڪ ايڪسچينج جو ڪاروبار ٻڙيءَ  کي ويجھو ھجي ته ھر ڪاروباري کي سر بچائڻ جي ٿي لڳي، ٽين دنيا جي پاڪستان  جھڙن ڏٻرن ملڪن جو ساهه ته ڄڻ لڪيءَ ۾اچي ڦاٿو آھي، شين جي ھڪ جاءِ کان ٻي جاءِ  تائين رسد ۾ مشڪلاتون پيش آھن، جنھن سان طلب ۽ رسد جو توازن بري طرح بگڙي رھيو آھي، اھڙيءَ  طرح ذخيره اندوزن جي ٻيگھي مچي وئي آھي، عدم توازن سبب ٿيل مھانگائي ۾ظاھر ظھور بھاني بازيءَ سان واڌ  ٿي رھي آھي، بيروزگاريءَ ۾غريب لاءِ مانيءَ جو رکو گرهه به ٻچڙن لاءِ حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي، معاشي مجبورين ماڻھن کي ذھني مريض بڻائي ڇڏيو آھي، ماڻھن  مان ماڻھپو ۽ بري ڀلي جي تميز ئي نڪرندي پئي وڃي، ان ڪري غريب پنھنجن ٻچن کي ھٿن سان ماري رھيا آھن، وڏي ڳالھه ته معاشي بحران ڪنھن ھڪ علائقي يا ملڪ تائين محدود نا ھي رھيو،پر پوري دنيا معاشي بحران جي واڳونءَ  جي وات ۾آھي، غريب ڪٿي ڪٿي ته بغاوت لاءِ تيار ٿيو ٿا وڃن، اهڙين حالتن ۾اھو وقت پري ناھي جو ماڻھون بيزار ٿي قانون جو احترام ڪرڻ ئي ڇڏي ڏيندا، قائدا قانون به لولي واري کي وڻندا آھن،بکئي پيٽ کي ٻه ۽ ٻه چار مانيون کپن، تنگ آيد به جنگ آيد،جتي ماڻھن کي احتياط جو درس ڏنو وڃي ٿو، اتي حڪومت کي به پنھنجن وسيلن آھر عوامي ڀلائيءَ جي لاءِ رٿابندي ڪرڻ گھرجي ته جيئن معاشي اڻ برابري جو احساس گھٽ ٿئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو