189

مان جوئي آهيان سوئي آهيان

ليکڪ: نور سنڌي

اڄ 15مئي تي منھجو جنم ڏينھن آھي، سوين پيارن دوشل ميڊيا تي مون کي جنم ڏڻ جون واڌايون ڏيڻ وارين پوسٽن ۾ اصل مون فقير کي تيلي مان ٿنڀ ٺاھي ڇڏيو آھي، اھو انھن دوستن جو وڏ ماڻھپو آھي، پر آئون شايد اھڙو نه ھجان آئون فقير ماڻھون آئون پاڻ کي ڪجهھ به نٿو سمجھان بس ننڍڙو صحافي  ليکڪ سماجي ورڪر آھيان،  مون 15مئي 1964ع ۾ شھدادپور ويجھو سنڌو درياهه جي ڦاٽ لوھاڻو ۽ روھڙي ڪئنال جي ڪنڌي تي ڪلھوڙن جي دور ۾ آباد ٿيل ميربحرن جي ڳوٺڙي ملھدسي (ملدسي)۾ ھڪ غريب ھاري الله بخش جي گھر ۾ جنم ورتو، منھجو نانو الله لوڪ فقير رمضان ميربحر لطيف سرڪار رح جو مريد ۽ فقير ھو، جڏھن ته ڏاڏو الله جڙيو غوث الحق حضرت مخدوم سرور نوح رح جو مريد ۽ فقير ھو، پرائمري کان مڊل ڪلاس تائين تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي، منھنجي ڪلاس ميٽ گل حسن گل لاکو جيڪو به قوم پرست ھو اسان ملدسي ۾ شاگرد سياست جو بنياد رکيو، ان دور ۾ ادا وارث ڏنو ڏيرو وارن جي اوطاق تي اخبارون اينديون ھيون جيڪي پڙھڻ ويندو ھئس، پير بخش  ڏيرو جي ڏيرا ھائوس تي ننڍڙي ذاتي لائبريري ۾ ويھي رسالا برسات. سھڻي. تحريڪ آدرش. چارڻ ۽ ٻيا مختلف موضوعن جا ڪتاب پڙھندو ھئس جڏھن ته خرچيون گڏ ڪري ٽي ماھي مھراڻ، ٻاراڻو رسالو گل ڦل جو ساليانو خريدار بڻيس، ان بعد گل ڦل ۾ ننڍڙيون ڪھاڻيون به لکيون اڳتي ھلي ھلال پاڪستان جي گلڙن جھڙا ٻارڙا عبرت جي ٻارڙن جي صفحي ۾ به ڪھاڻيون ۽ ننڍڙا مضمون لکڻ شروع ڪيا، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نشر ٿيندڙ ٻارڙن جي ٻاري پروگرام ۾ به ڪيترا دفعا شريڪ ٿيس،  سيڪنڊري تعليم ھاءِ اسڪول شھدادپور مان  حاصل ڪئي، جڏھن اٺين درجي ۾ پڙھندو ھئس ته ان  دور ۾  قربان مھيسر ۽ ٻين دوستن کي ساڻ ڪري  ٻاراڻي تنظيم پتنگ سنگت ٺاھي جنھن جون سنڌ جي ڪافي شھرن ڳوٺن ۾ برانچون به قائم ڪري  ٻارن جا پروگرام شروع ڪرايا، اھو دور جنرل ضياءَ جي ڪاري مارشل لا جو پھريون سال ھو، پتنگ سنگت جي سرگرمين جون خبرون اخبارن ۾ به شايع ٿينديون  ھيون، ھڪ ڏينھن مونکي ملدسي پوليس چيڪ پوسٽ جي انچارج گھرائي پتنگ سنگت بابت تفصيل معلوم ڪيو بعد ۾ مونکي ايس ايڇ او شھدادپور وٽ پيش ڪيو جنھن ايندي ٻٽي نيٽ پٺن ۾ وھائي پوءِ سوال جواب ڪيا منھنجي اھڙي تذليل ڪئي جھڙو ڌاڙيل هجان،   ٻه ٽي ڪلاڪ  جوابدارن وانگر پٽ تي ويھاريو ويو، اوچتو منھنجو چاچو حاجي محمود ملاح جيڪو ان دور ۾ وڏي رھائي پوکي وارو ھو ان مونکي ھن حال ۾ ڏسي معلوم ڪيو بعد ۾ ايس ايڇ او سان مليو جنھن کيس الائي ڇا ٻڌايو ان به ٻه ٽي چماٽون وھائي ڪڍيون ۽ مونکي ٿاڻي تان ڇڏائي ويو، ان وقت آئون ان چاچي جي شھدادپور واري جاءِ ۾ رھندو ھئس چاچو اتي وٺي آيو ۽ ان به وڏي بي عزتي ڪئي ته تنھنجا ماءُ پيءُ الائي ڪيئن پيا توکي پڙهائين تون وري وتين سياست ڪندو، سامان کڻ ڳوٺ ھل تنھنجي پڙھائي ختم، ان دور ۾ مونکي  صحافي ٿيڻ جو شوق ٿيو، مون ڪامريڊ لکاڏنو عرف ڪلال سان ذڪر ڪيو جنھن  شھدادپور جي مشھور صحافي نثار بالادي سان ملاقات ڪرائي  جنھن جي چوڻ تي روز سندس ھلال پاڪستان اخبار جي آفيس ۾ ويندو ھئس جتي هو آفيس جي صفائي به ڪرائيندو ھو پاڻي به ڀرائيندو ھو صحافت جي شوق ۾ اھي ڪم خوشي سان ڪندو ھئس نثار روز خبرون لکڻ سيکاريندو ۽ صحافتي ٽيڪنڪ تي مختصر ليڪچر ڏيندو ھو پر رپورٽر نه ڪرايو  ان دور جي صحافي الياس ابڙو الفقراءَ سانگھڙ جي سب ايڊيٽر عاجز منگي سان ملاقات ڪرائي جنھن مونکي الفقراءَ جو ملدسي لاءِ رپورٽر مقرر ڪرايو ۽ ائين صحافت شروع ڪئي، ان بعد شيخ عزيز جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ، سنڌ نيوز اخبار  جو  ملدسي جو رپورٽر ٿيس، ناز سنائي جي معرفت آفتاب اخبار جي ايڊيٽر شيخ علي محمد سان ملاقات ڪري آفتاب اخبار جو رپورٽر ٿيس  انھي زماني ۾ ماروٽ محمد خان ملاح کي ساڻ ڪري ٿورو شعور رکندڙ ھارين سان ملاقات ڪري ھاري ڪميٽي يوسي ملدسي جو قيام آندو، ان پاران ڳوٺ ھاشم خاصخيلي ۾ رات جو وڏي ليول  تي ھاري ڪانفرنس گھرائي جنھن ۾ ڪامريڊ علي بخش شيدي صحافي نثار بالادي ۽ الياس ابڙو مھمان طور شريڪ ٿيا، مئٽرڪ ڪرڻ بعد بي اي تائين پرائويٽ تعليم حاصل ڪئي،  ايم آرڊي جي 83ع ۽ 86ع واري تحريڪن ۾ مون صحافي جي حيثيت ۾ فرض ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،  84ع کان مون مخدوم طالب المولا جن جي حڪم تي ھالا مان صحافت شروع ڪئي 96ع تائين  88ع ۾ عبرت جو نمائندو ٿيس، 90ع ۾ سنڌو اخبار جو اسٽوري رپورٽر ٿيس ان حوالي سان روز ھڪ ايڪسلوز اسٽوري ڪندو ھئس ان دور ۾ مون بدنام ڌاڙيل محب شيدي، لائق چانڊيو، امون کوسو، امام علي کوسو ۽ ٻين ڌاڙيلن  جا فيس ٽو فيس انٽرويو ڪيا ان کان اڳ ڪڏھن به ڌاڙيلن جا انٽرويو اخبارن ۾ نه آيا ھئا اھڙا انٽرويو ۽ رپورٽون اين ايس فقير جي نالي سان لکندو ھئس،  94ع ۾ عبرت گروپ ۾ اسٽوري رپورٽر ۽ سب ايڊيٽر ٿيس، اڄ منھنجو جنم ڏينھن آھي ان حوالي سان پنھنجي صحافتي ادبي سماجي زندگي جون مختصر کٽيون مٺيون ڳالھيون اوھان سان شيئر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي بس زندگي ھڪ خواب آھي زندگي ڏسندي ڏسندي بس گذري وئي خواب وانگر خبر ئي نه پئي مونکي زندگي ۾ پڇتاءُ اھو آھي ته جيڪو سوچي صحافت ۾ آيس اھو ادارن جي پاليسي ذاتي مجبورين ۽ واسطيداري ڪري نه ڪري سگھيس خوشي به آھي ته وري به صحافت ۾ ڪافي ڪجهھ ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو