218

غزه ۾وڌيڪ 50 فلسطيني شهيد،سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي حملا روڪڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

غزه (ويب ڊيسڪ)فلسطين جي شهر غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري ۾ وڌيڪ 50 فلسطيني شهيد ٿي ويا، او آءِ سي فلسطين جي حق ۽ اسرائيلي ظلم خلاف قرارداد منظور ڪري ورتي. او آءِ سي چيو آهي ته اسرائيل حالتون وڌيڪ نه بگاڙي،ڀڃڪڙيون بند ڪري،فلسطين جي مقدس هنڌن ۽ مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي بند ڪئي وڃي، رپورٽ موجب اسرائيلي فوج ستين ڏينهن به پنهنجي دهشتگردي جاري رکندي غزه جي ٻن رهائشي عمارتن تي فضائي حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 33 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، فلسطيني صحت واري وزارت موجب هن وقت تائين 23 عورتن ۽ 52 ٻارڙن سميت شهيدن جو انگ 181 تائين پهچي چڪو آهي، اڌ کان وڌيڪ شهيد ٿيل ٻارڙن جون عمرون 10 سال کان به گهٽ هيون، معصوم ٻارڙن جي جاري ڪيل تصويرن دنيا روئاري ڇڏيو آهي. فلسطين جي صحت واري وزارت موجب هن وقت تائين 725 گهر،76 رهائشي عمارتون ۽ 63 سرڪاري عمارتون تباهه ٿي ويون،هزارين فلسطيني بي گهر ٿي ويا،23 عورتون ۽ 52 ٻارڙا شهيد ٿي چڪا آهن، هوڏانهن اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي ) جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ فلسطينين جي حق ۽ اسرائيلي ظلم خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي، رپورٽ موجب سعودي عرب جي درخواست تي فلسطين جي صورتحال تي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جو هنگامي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ فلسطين جي حق ۾ ۽ اسرائيلي ظلم خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي، قرارداد ۾ اسرائيلي ظلم ۽ وحشياڻي تشدد جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته قبضو ڪيل اسرائيل فلسطين خلاف وحشياڻا حملا بند ڪري، اسرائيل کي خبردار ڪندي چئون ٿا ته هو وڌيڪ حالتون بگارڻ  کان بند ڪري فلسطيني مقدس هنڌن ۽ مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي فوري طور بند ڪئي وڃي. اسرائيل جي نئين آبادي واري پاليسي تي خدشن جو اظهار ڪيون ٿا، حالتن جو ذميوار اسرائيل آهي، او آءِ سي مطالبو ڪيو ته عالمي برادري پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري، سلامتي ڪائونسل فوري طور تي اسرائيلي حملا بند ڪرائي. ٻئي طرف سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان او آءِ سي جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته بيت المقدس فلسطين جي سرزمين تي ڪنهن کي به نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏينداسين،اسرائيل کلي ڀڃڪڙيون ڪري پيو،عالمي برادري پنهنجي ذميواري پوري ڪري، اسان فلسطين جي مقدس هنڌن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏينداسين. جڏهن ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خطاب ڪندي چيو ته هٿين خالي فلسطينين تي اسرائيلي ظلم انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي،عالمي برادري طاقت جو غيرقانوني استعمال روڪرائي، غزه تي اسرائيلي بمباري سان بيگناهه فلسطيني شهيد ٿين پيا،پاڪستان فلسطينين جي حق خوداراديت ۽ 2 رياستي حل جي حمايت ڪري ٿو، او آءِ سي اسرائيلي اڳرائي روڪرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي. هوڏانهن غزه ۾اسرائيلي ظلم خلاف پاڪستان، برطانيا، اسپين، جرمني، فرانس، قطر ۽ ٻين ملڪن ۾اسرائيل خلاف مظاهرا ڪيا ويا، اسرائيل جي وحشياڻي ڪارروائي روڪرائڻ لاءِ عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. هوڏانهن غزه تي اسرائيلي حملن بابت سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن جي سربراهي چيني پرڏيهي وزير ڪئي، جڏهن ته اسرائيل ۽ فلسطين جا نمائندا به شريڪ هئا، ان دوران گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته خونريزي ۽ تشدد کي فوري طور روڪيو وڃي، جنگ علائقي کي ڪنٽرول کان ٻاهر ڪندي ۽ انساني بحران پيدا ڪري سگهي ٿي، ان ڪري اسرائيل ۽ فلسطين جنگ فوري طور بند ڪرڻ گهرجي.ان موقعي تي چيني پرڏيهي وزير آمريڪا کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته  آمريڪا فلسطين بابت سلامتي ڪائونسل جو پڌرنامو روڪرايو آهي، آمريڪا هڪ آواز جي رستي ۾رڪاوٽ پيدا ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو