ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 4 هزار ماڻهو فوت ٿي ويا، پرڏيهي ميڊيا موجب 24 ڪلاڪن دوران ڀارت ۾ 3 لک ماڻهن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته 4 هزار ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، نئين دهلي ۾ هڪ هفتي لاءِ لاڪ ڊائون ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ممبئي ۾ مسلمانن جي قبرستان مان گنجائش ختم ٿي وئي آهي، ان سان گڏ ڪورونا وئڪسينيشن جو سلسلو به جاري آهي، روس مان وئڪسين جي ٻي کيپ ڀارت پهچائي وئي آهي.
121