126

پاڪستان ۾ پيٽرول جا اگهه آمريڪا ۽ چين کان گهٽ آهن: وفاقي حڪومت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت آمريڪا ۽ چين سميت علاقائي ملڪن ڀارت، بنگلاديش ۽ سري لنڪا جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گهٽ آهي. وفاقي حڪومت جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ في ليٽر پيٽرول جي قيمت 108 رپيا 56 پئسا آهي، پاڪستاني رپئي ۾ هڪ ليٽر پيٽرول 192 رپين 43 پئسن جو آهي. بنگلاديش ۾ في ليٽر پيٽرول 161 رپيا 60 پئسا ۽ سري لنڪا 125 رپيا 27 پئسا آهي. وفاقي حڪومت جو چوڻ آهي ته انڊونيشيا ۾ 113 رپيا ۽ ڀوٽان ۾ هڪ ليٽر پيٽرول 132 رپيا 78 پئسن جو آهي، آمريڪا ۾ في ليٽر پيٽرول جي قيمت 132 رپيا 63 پين ۽ چين ۾ 170 رپين 19 پئسن جو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو