لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب رنگ روڊ منصوبي ۾ ڪرپشن جو مرڪزي جوابدار وزيراعظم کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته رنگ روڊ ڪرپشن جو مرڪزي جوابدار وزيراعظم آهي، رنگ روڊ اسڪينڊل ۾ وڌيڪ جاچ جي ضرورت ناهي، سڀ ثبوت عوام جي سامهون آهن، هن چيو ته وزيراعظم منصوبن ۾ تبديلين جي پاڻ منظوري ڏني، پوءِ پاڻ ئي انڪوائري ڪرائي، عمران خان ۽ عثمان بوزدار کي گرفتار ڪيو وڃي.
