126

رستم لڳ جتوئي برادري ۾ هلندڙ خوني تڪرار ماٺو نه ٿيو، حملو، هڪ ڄڻو قتل، 2 زخمي

لکي غلام شاهه (ويب ڊيسڪ) رستم لڳ جتوئي برادري ۾ هلندڙ خوني تڪرار ماٺو نه ٿيو، حملو، هڪ ڄڻو قتل، 2 زخمي، ان سلسلي ۾ ڪمالاڻي ڌر جي ماڻهن سعد خاناڻي ڌر جي مدد ڪرڻ جي الزام هيٺ صلاح الدين عطراڻي جي گهر تي حملو ڪيو، ڪڙو چاڙهي جديد هٿيارن سان فائرنگ سبب گلڙو عرف گلشاد پٽ اشرف عطراڻي موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته مقتول جي چاچي بشيران ۽ 8 ورهين جو ناجد علي عطراڻي زخمي ٿي پيا، ٽن ڪلاڪن تائين فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، هوڏانهن رستم پوليس لاش، زخمي عورت ۽ نينگر کي خانپور اسپتال پهچايا، جتان مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد ڀيڻ بچل عطراڻي حوالي ڪيو ويو، مقتول جي ڀيڻ چيو ته اسان جو سعد خاناڻي ۽ ڪمالاڻي ڪارنهن تڪرار سان ڪو به واسطو نه آهي، ڪمالاڻي ڌر جي هٿياربندن ڳوٺ تي حملو ڪري اسان 4 ڀينرن جي اڪيلي ڀاءُ کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي، چاچي ۽ ڀائٽيو زخمي آهن، هوڏانهن لاش گهر آڻڻ تي ڪهرام متل هو، جڏهن ته واقعي بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو