فائرنگ 115

لکيءَ ڀرسان سروس تي ڪم ڪندڙ پورهيت هٿياربندن هٿان قتل

لکي غلام شاهه (ويب ڊيسڪ) لکيءَ ڀرسان سروس تي ڪم ڪندڙ پورهيت هٿياربندن هٿان قتل، ان سلسلي ۾ سکر-لاڙڪاڻو روڊ تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن عبدالسعيد کهڙي کي قتل ڪيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، هوڏانهن پوليس لاش تحويل ۾ وٺي وڏي ڀاءُ حوالي ڪري ڇڏيو، مقتول جي وڏي ڀاءُ عبدالهادي کهڙي ٻڌايو ته منهنجي ڀاءُ عبدالستار برادري جي ناري روبينا کهڙو سان پيار پرڻو ڪيو هو، جيڪو فوت ٿي ويو هو، ناري ماءُ پيءُ ڏانهن وڃڻ بدران ننڍي ڀاءُ سان نڪاح ڪيو هو،  جنهن تي سندس مائٽ ناراض هئا ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيندا هئا، جنهن بعد اسان لاڙڪاڻي مان لڏي لکي ۾ اچي رهياسين ۽ پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪندا آهيون، هن چيو ته ڀاءُ ڪار واش سروس تي ڪم ڪندو هو، جتي ناري جي مائٽن کيس قتل ڪيو ۽ لاڙڪاڻي طرف فرار ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول نوجوان کي 3 ٻار جڏهن ته ٻيو ڀيرو بيواهه ٿيل روبينا کهڙو کي 4 ٻار آهن، جن مان هڪ اڳوڻي مڙس ۽ 3 ٻار عبدالسعيد مان ٻڌايا وڃن ٿا، آخري اطلاعن تائين قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو