138

ميرپورخاص ۾ نينگر سان مبينا ڏاڍائي ڪيس ۾ جوابدار گرفتار

ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ميرپورخاص جي علائقي اورنگ آباد جي رهواسي 10 ورهين جي معصوم نينگر ڪاشان قريشي کي عيد واري ڏينهن وحشي صفت جوابدار عارف پٺاڻ کي ورغلائي ساڻ وٺي وڃڻ بعد کيس زبردستي بدفعلي جو نشانو بڻائي کيس بيهوشي جي حالت ۾ ڇڏي فرار ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس بدفعلي جو شڪار بڻيل معصوم نينگر جي ڀاءَ جنيد قريشي جي فرياد تي حد جي سٽلائٽ ٽائون ٿاڻي ۾ قلم 367 اي ۽ 377 تحت داخل ڪيو ويو، جنهن بعد حد جي پوليس واقعي بعد فرار ٿيل جوابدار جي ميرپورخاص جي علائقي والڪرٽ ٽائون ۾ موجود هجڻ جي ڳجھي اطلاع تي والڪرٽ ٽائون ۾ ڇاپو هڻي معصوم نينگر کي زوري بدفعلي جو نشانون بڻائيندڙ وحشي صفت جوابدار عارف پٺاڻ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي سٽلائٽ ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڪامران هاليپوٽي ٻڌايو ته معصوم نينگر کي بدفعلي جو شڪار بڻائي فرار ٿيڻ واقعي ۾ گھربل جوابدار کي ڳجھي اطلاع تي ڇاپو هڻي گرفتارڪيو ويو آهي وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو