اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سان ملائيشيا جي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد جو ٽيليفون تي رابطو، ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ جاري اسرائيلي حملن جي مذمت ۽ عالمي برادري کان فوري طور تي حملا روڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، وزيراعظم آفيس مان جاري خطاب مطابق ٻنهي اڳواڻن ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون، ٻنهي اڳواڻن اسرائيلي جارحيت ۽ مسجد اقصيٰ ۾ معصوم نمازين ۽ غزه تي فضائي حملن جي سخت مذمت ڪئي ۽ معصوم فلسطنينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، وزيراعظم عمران خان ۽ ڊاڪٽر مهاتير محمد اسرائيلي حملن کي روڪڻ ۽ شهرين جي حفاظت جي لاءِ عالمي دنيا تي زور ڏنو ته هو ڪردار ادا ڪري، ٻه طرفين ڳالهين ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن جي قراردادن ۽ منصفانه ۽ پائيدار حل جي لاءِ هنگامي قدمن تي به زور ڏنو، ڳالهين دوران هڪ ٻئي کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ فلسطين جي سنگين صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.
131