119

ڀارت ۾ پکڙيل ڪورونا جي قسم جو پاڪستان ۾ پهچڻ جو ڪو ثبوت ناهي مليو: ڊاڪٽر فيصل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽر فيصل سلطان تصديق ڪئي آهي ته ڀارت ۾ پکيڙيل ٽرپل ميوٽينٽ ڪورونا جي پاڪستان ۾ پهچڻ جو ڪو ثبوت ناهي مليو، ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته پاڪستان اچڻ وارن مسافرن جي سخت نگراني ڪريو پيا، فضائي رستن تي پاڪستان ايندڙ مسافرن جي تعداد 80 سيڪڙو گهٽائي وئي آهي، جڏهن ته پاڪستان اچڻ کان پهرين ۽ پاڪستان پهچڻ تي ڪورونا پي سي آر ٽيسٽ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، هن ٻڌايو ته ٿائي لينڊ مان انڊين ويرينٽ پنهنجي ملڪ پهچڻ جو انڃان تائين ڪو ثبوت ناهي ڏنو، برطانيا ۽ خليجي ملڪن مان ايندڙ مسافرن جي سخت نگراني جاري آهي ۽ انهن جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽيو اچڻ تي قرنطينه ڪيو پيو ونڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو