ڪوٽ لالو (ويب ڊيسڪ) مهراڻ نشنل هائي وي تي تيز رفتار ٽرڪ موٽر سائيڪل سوارن مٿان چڙھي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت مسڪان کوکر سخت زخمي ٿئي پئي، جنهن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان فسٽ ايڊ ڏئي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه منتقل ڪيو ويو، موٽرسائيڪل سوار ٺهري ميرواهه کان ڪراچي وڃي رهيا هئا ته ڪوٽ لالو ۾ حادثو پيش آيو، شھرين ٽرڪ ڊرائيور کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
168