سانگهڙ (ويب ڊيسڪ) سانگهڙ لڳ ڳوٺ جمال رونجهو ۾ مدرسي ويندڙ 12 سالا شاگرد نياز پٽ عرس رونجهو رولو ڪتن جي ڏاڙھجڻ سبب شديد زخمي، سول اسپتال سانگهڙ منتقل، رپورٽ مطابق سانگهڙ ڀرسان ڳوٺ جمال رونجهو جو رهواسي مدرسي ويندڙ شاگرد نياز رونجھو کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، جنهن کي شديد زخمي حالت ۾ سول اسپتال سانگهڙ آندو ويو، جتي ويڪسين ڪئي وئي، زخمي جي والد عرس رونجهو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، جنھن جو شڪايتون يوسي سيڪريٽري کي بار بار ڪرڻ باوجود ڪتا مار مهم نه هلائي وئي.
187