127

وزيراعظم جو جمع تي اسرائيلي ظلم خلاف يوم احتجاج ملهائڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جمع تي اسرائيلي ظلم خلاف سرڪاري طور تي يوم احتجاج ملهائڻ جي تياري جي هدايت ڪندي چيو ته قانون جي حڪمراني لاءِ ڪنهن به حد تائين ونڃي سگهون ٿا، رپورٽ مطابق وزيراعظم جي صدارت ۾ حڪومتي رهنما ۽ ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن، معاونين ۽ پرڏيهي وزارت جي عملدارن شرڪت ڪئي، ذرائع جو چوڻ هو ته اجلاس ۾ ايندڙ جمع تي اسرائيلي ظلم خلاف سرڪاري سطح تي يوم احتجاج جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن تي وزيراعظم جمع تي سرڪاري طور تي يوم احتجاج ملهائڻ جي تياري بابت هدايت ڪئي آهي، عمران خان جو چوڻ هو ته قانون جي حڪمراني جي لاءِ ڪنهن به حد تائين ونڃي سگهون ٿا، احتساب جي عمل ۽ قانون جي حڪمراني جي جدوجهد جاري رهندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو